ڏات ڏيئا ٻاريا

ڏات ڏيئا ٻاريا

ڏات ڏيئا ٻاريا

ڏات ڏيئا ٻاريا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري ليکڪ رياضت ٻرڙي سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ چوڏهن شاعرن جي شاعري ۽ سوانح حيات شامل آهي، جن ۾: سعيد ميمڻ، جواد جعفري، مختيار سمون، احسان دانش، روبينا ابڙو، عادل عباسي، فياض لطيف، رضا بخاري، ساجد سنڌي، حبدار سولنگي، رضوان گل، ابرار ابڙو، اقبال کوکر ۽ رياضت ٻرڙو شامل آهن. هن ڪتاب جومهاڳ ناليواري دانشور جامي چانڊئي لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪن جون تصويرون ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل سڀني شاعرن جون سوانح عمريون رياضت ٻرڙي جون لکيل آهن. 315 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي. هن ڪتاب کي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو